19.Mary
- ڪٓھٰيٰعٓصٓ
- تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھيءُ) ذڪر آھي
- جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ڳجھو ٻاڏائي سڏيائين
- چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُنھنجا (لڱن جا) ھڏ سُست ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ته اي منھنجا پالڻھار توکي سڏڻ کان نا اميد نه آھيان
- ۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش
- جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار ان کي صالح ڪر
- (چيوسون ته) اي زڪريا اسان توکي ھڪ نينگر جي مبارڪ ڏيون ٿا جنھنجو نالو يحيىٰ آھي اڳ اھڙي نالي وارو ڪونه ڪيوسون
- چيائين اي منھنجا پالڻھار مون کي ھن حالت ۾ پٽ ڪئن ٿيندو جو منھنجي زال سنڍ آھي ۽ بيشڪ آءٌ پيريءَ کان جھورائيءَ کان پھتو آھيان
- (جبرئيل) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار چيو آھي ته اِھو مون کي آسان آھي ۽ بيشڪ توکي ھن کان اڳ پيدا ڪيو اٿم ۽ تون (اصل) ڪجھ نه ھُئين
- زڪريا چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ ڪا نشاني ٺھراءِ، فرمايائين ته تنھنجي نشاني (ھيءَ آھي) ته ماڻھن سان ساندہ ٽي ڏينھن راتيون ڳالھائي نه سگھندين
- پوءِ محراب مان پنھنجي قوم ڏانھن نڪتو پوءِ انھن اشارو ڏنائين ته صُبح ۽ سانجھيءَ جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو
- (۽ يحيىٰ ڄمي ڏھن ورھن جو ٿيو ته) چيوسون ته اي يحيىٰ ڪتاب کي مُحڪم وٺ، ۽ ٻاراڻي ۾ کيس عِلم ڏنوسون
- ۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ سُٺائي ڏني سون، ۽ (اُھو) پرھيزگار ھو
- ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو ھو ۽ ھٺيلو نافرمان نه ھو
- ۽ جنھن ڏينھن ڄائو ۽ جنھن ڏينھن مرندو ۽ جنھن ڏينھن جيئرو ٿي اُٿندو (تنھن ڏينھن) مٿس سلام ھجي
- ۽ مريم جو قِصّو ڪتاب ۾ ياد ڪر، جڏھن پنھنجي گھر وارن کان اوڀرندي ھنڌ پاس ڀري ٿي
- پوءِ کانئن ھڪ اوٽ ورتائين، پوءِ ڏانھنس پنھنجو ملائڪ موڪليوسون پوءِ ھو ڏسجڻ ۾ اُن لاءِ پورو ماڻھو بڻجي بيٺو
- (مريم) چيو آءٌ توکان ٻاجھاري (الله) جي سام پوان ٿي جيڪڏھن پرھيزگار آھين (ته مون کان پري ٿيءُ)
- (ملائڪ) چيو ته آءٌ ته تنھنجي پالڻھار جو ھن لاءِ موڪليل آھيان ته توکي چڱو نينگر بخشيان
- (مريم) چيو ته مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ڪنھن ماڻھوءَ نه ڇُھيو آھي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آھيان
- (ملائڪ) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار فرمايو ته اِھو مون کي سولو آھي، ۽ (ھن لاءِ) ته ان کي ماڻھن جي لاءِ پنھنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجھ (جو وسيلو) ڪريون، ۽ (اِھو) ڪم ٺھرايل آھي
- پوءِ اُن سان پيٽ ٿيس پوءِ اُن سان پرڀري ھنڌ الڳ ٿي
- پوءِ ويَم جي سورن کجيءَ جي ٿڙ ڏانھن نِيس، چيائين ته جيڪر ھن کان اڳ مران ھا ۽ اصل وسري ويل ھجان ھا (ته چڱو ھو)
- پوءِ کيس ملائڪ ھيٺين طرف کان سڏ ڪيو ته ڏک نه ڪر بيشڪ تنھنجي پالڻھار تنھنجي ھيٺان تلاءُ پيدا ڪيو آھي
- ۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏانھن ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڇاڻي
- پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسين ته چؤ ته مون الله لاءِ روزو باسيو آھي تنھنڪري اڄ ڪنھن ماڻھوءَ سان پٽيءَ نه ڳالھائيندس
- پوءِ اُن کي پنھنجي قوم وٽ کڻي آئي، چيائون ته اي مريم بيشڪ بڇڙي شيء آندي اٿيئي
- اي ھارون جي ڀيڻ نڪي تنھنجو پيءُ بڇڙو مڙس ھو ۽ نڪي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار ھئي
- پوءِ ڏانھنس اشارو ڏنائين، چيائون ته جيڪو پينگھي ۾ ڇوڪر آھي تنھن سان ڪيئن ڳالھايون
- (عيسى) چيو ته آءٌ الله جو ٻانھو آھيان، مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مون کي پيغمبر ڪيو اٿس
- ۽ جتي ھوندس اُتي مون کي برڪت وارو ڪيائين، ۽ جيسين جيئرو ھوندس تيسين مون کي نماز (پڙھڻ) ۽ زڪوٰة (ڏيڻ) جو حُڪم ڪيائين
- ۽ پنھنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ (ڪيائين)، ۽ مون کي ھٺيلو ۽ بدبخت نه ڪيائين
- ۽ جنھن ڏينھن ڄائس ۽ جنھن ڏينھن مرندس ۽ جنھن ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندس تنھن ڏينھن مون تي سلام آھي
- اِھو (قِصّو) عيسىٰ پٽ مريم جو آھي، سچي ڳالھ آھي جنھن ۾ (ماڻھو) شڪ ڪندا آھن
- الله کي (پاڻ لاءِ) ڪو پٽ وٺڻ نه جڳائيندو آھي اُھو پاڪ آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي
- ۽ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سڌي واٽ آھي
- پوءِ ڪن ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ ڪافرن لاءِ وڏي ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان خرابي آھي
- جنھن ڏينھن اسان وٽ ايندا (تنھن ڏينھن) ڪھڙو نه چڱو ٻڌندا ۽ ڪھڙو نه چڱو ڏسندا پر ظالم اڄ پڌريءَ گمراھي ۾ آھن
- ۽ کين پشيماني جي جي ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن ڪم پورو ڪبو، ۽ اُھي غفلت ۾ آھن ۽ اُھي ايمان نه ٿا آڻين
- بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آھي تنھنجا وارث آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽايا ويندا
- ۽ ابراھيم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو
- جڏھن پنھنجي پيءُ کي چيائين ته اي ابا جيڪو نڪي ڏسي ۽ نڪي توکان ڪجھ ٽاري تنھنجي پوڄا ڇو ڪندو آھين؟
- اي ابا بيشڪ (الله جي پار کان) مون وٽ سمجھ آئي آھي جا تو وٽ نه آئي آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪر ته توکي سڌو رستو ڏيکاريان
- اي ابا شيطان کي نه پوڄ، ڇوته شيطان الله جو نافرمان آھي
- اي ابا آءٌ توتي الله جي عذاب پھچڻ کان ڊڄان ٿو متان شيطان جي سنگتي ٿئين
- (پڻس) چيو ته اي ابراھيم تون منھنجي معبودن کان ڦرڻ وارو آھين ڇا؟ جيڪڏھن نه روڪبين ته توکي ضرور پٿرن سان ماريندس ۽ گھڻي مدت مون کان پاسي ٿيءُ
- (ابراھيم) چيو ته توتي سلام ھجي، آءٌ تولاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇوته اُھو مون تي مھربان آھي
- ۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ کان بدبخت نه ٿيندس
- پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون
- ۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي چڱي يادگيري بلند ڪئي سون
- ۽ ڪتاب ۾ موسىٰ (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو چونڊيل ھو ۽ پيغمبر نبي ھو
- ۽ طور (جبل) جي سڄي ڀر کان کيس سڏيوسون ۽ ھمراز ٿيڻ لاءِ کيس ويجھو ڪيوسون
- ۽ پنھنجي ٻاجھ سان سندس ڀاءُ ھوارون پيغمبر ڪري کيس عطا ڪيوسون
- ۽ ڪتاب ۾ اسماعيل (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو انجام جو پورو ۽ پيغمبر نبي ھو
- ۽ پنھنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو حُڪم ڪندو ھو، ۽ پنھنجي پالڻھار وٽ پسند ھو
- ۽ ڪتاب ۾ ادريس (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو
- ۽ وڏي مرتبي ڪري سندس مانُ مٿاھون ڪيوسون
- جن تي الله فضل ڪيو سي آدم جي اولاد منجھان پيغمبرن مان آھن، ۽ جن کي نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيوسون، ۽ ابراھيم ۽ يعقوب جي اولاد مان، ۽ جن کي ھدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون تن مان آھن، جڏھن الله جون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن سجدو ڪندڙ ۽ روئيندڙ ٿي ڪري پوندا ھوا
- پوءِ سندن پوئتان ڪيترا (ندورا) پيڙھيءَ تي ويٺا (جو) نماز ڇڏي ڏنائون ۽ سڌن جي پٺيان لڳا پوءَ سگھو گمراھيءَ جي سزا لھندا
- پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ مٿن ڪجھ ظلم نه ڪبو
- ھميشه جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجي ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي
- اُن ۾ سلامتي کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھه نه ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندين روزي آھي
- اِھو بھشت اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن مان جيڪو پرھيزگار بڻبو تنھن کي (اُن جو) وارث ڪنداسون
- ۽ (ملائڪن چيو ته) تنھنجي پالڻھار جي حُڪم کانسواءِ نه لھندا آھيون، جيڪو اسان جي آڏو آھي ۽ جيڪي اسان جي پويان آھي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي (سڀ خبر) اُن کي آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار وسارڻ وارو نه آھي
- آسمانن ۽ زمين ۾ جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي صبر ڪر (يعني مُحڪم رھ)، تون اُن نالي ڪو ڄاڻندو آھين ڇا؟
- ۽ ماڻھو چوندو آھي ته جڏھن مرندس (تڏھن) جيئرو ٿي ڪڍبس ڇا؟
- ماڻھو ياد نه ڪندو آھي ڇا ته کيس اڳ پيدا ڪيوسون ڪجھ به نه ھو؟
- پوءِ پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن کي ۽ شيطانن کي کڙو ڪنداسون وري دوزخ جي چوڌاري کين گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون
- وري سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان اھڙن ماڻھن کي ڌار ڪنداسون جن انھن مان ٻاجھاري (الله) جي ڏاڍي نافرماني ڪئي
- وري جيڪي انھن ۾ گھڙڻ جوڳا آھن تن کي اسين چڱو ڄاڻندا آھيون
- ۽ اوھان مان ڪو اھڙو ڪونھي جو اُن تي پھچڻ وارو نه آھي، تنھنجي پروردگار تي اھو انجام لازم مُقرّر آھي
- وري پرھيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي منجھس گوڏن ڀر ڪرندڙ ڇڏينداسون
- ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي (ٽولي) مانَ جي ڪري ڀلي ۽ صحبت جي ڪري ڏاڍي چڱي آھي
- ۽ کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جو اُھي سامان ۽ ڏيک جي ڪري ڏاڍا چڱا ھئا
- چؤ ته جيڪو گمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي الله وڌيڪ وڌائيندو آھي، تان جو جيڪو انجام يا ته عذاب جو (ساڻن) ڪيو ويو سو جڏھن ڏسندا، تڏھن ھو ڄاڻندا ته بڇڙي مانَ وارو ۽ لشڪر جي ڪري ڏاڍو ھيڻو ڪير آھي
- ۽ الله ھدايت وارن کي ھدايت وڌيڪ ڪندو آھي، ۽ سدا رھندڙ چڱايون ثواب ڪري ڀليون ۽ موٽڻ ڪري چڱيون تنھنجي پالڻھار وٽ آھن
- (اي پيغمبر) اُنھي کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا جنھن اسان جي آيتن کي نه مڃيو ۽ چيائين ته مون کي مال ۽ اولاد ضرور ڏنو ويندو؟
- (اُھو) ڳجھ ڄاڻندو آھي ڇا يا الله وٽان ڪو انجام ورتو اٿس
- ائين نه آھي، جيڪي چوندو آھي سو سگھوئي لکنداسون ۽ اُن لاءِ ڊگھو عذاب وڌائينداسون
- ۽ جيڪي چوي ٿو سو کانئس کسينداسون ۽ اسان وٽ ھيڪلو ايندو
- ۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ھن لاءِ ورتا اٿن ته اُنھن لاءِ مانَ جو سبب ٿين
- ائين نه آھي، سندين پوڄا جو انڪار ڪندا ۽ اُنھن جا دشمن (۽ مخالف) ٿيندا
- (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته شيطانن کي ڪافرن تي موڪليوسون ته (اُھي) کين لوڏا ڏيئي ڌُوڻين؟
- پوءِ مٿن تڪڙ نه ڪر، انھن لاءِ پوري ڳڻ ڳڻيندا آھيون
- اُن ڏينھن پرھيزگارن کي مھمانن وانگر ٻاجھاري (الله) وٽ کڙو ڪنداسون
- ۽ ڏوھين کي دوزخ ڏانھن اُڃو روانو ڪنداسون
- جنھن الله وٽان انجام ورتو تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي) شفاعت ڪري نه سگھندا
- ۽ چوندا آھن ته الله پاڻ لاءِ اولاد ورتو آھي
- (چئبن ته) بيشڪ اوھان بڇڙي شيء آندي
- اِنھي (چوڻ) کان اِجھو آسمان ڦاٽندا ۽ زمين ڦاٽندي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪرندا
- اُنھي سببان جو (انھن) الله لاءِ پُٽ (بڻائي) سڏيا
- ۽ الله کي اولاد وٺڻ نه جڳائيندو آھي
- جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي سڀ الله وٽ ٻانھا ٿي ايندا
- بيشڪ الله کين ڳڻيو آھي ۽ سندن ڳاڻاٽو ڳڻيو اٿس
- ۽ قيامت جي ڏينھن انھن مان ھر ھڪ وٽس ھيڪلو ايندو
- بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سگھو الله محبّت پيدا ڪندو
- پوءِ اُھو (قرآن) تنھنجي زبان تي رڳو ھن لاءِ آسان ڪيوسون ته (تون) ساڻس پرھيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ ان سان جھيڙا گر قوم کي ڊيڄارين
- ۽ کانئن اڳ گھڻا جُڳ ناس ڪياسون، منجائن ڪنھن ھڪ جو پتو لھين ٿو ڇا يا سندس ڀڻڪ ٻڌين ٿو ڇا؟